ڀڳت نارو مل

ڀڳت نارو مل: سنڌ جو امر فنڪار ڀڳت نارو مل ولد آلو مل، اصل ٿاڻي احمد خان جو ويٺل ھو، سندس پيءُ واپاري ھو. ڀڳت نارو مل جو جنم 1889ع ڌاري ٿيو. ھو ننڍي ھوندي کان صوفياڻا خيال رکندو ھو ۽ ننڍپڻ کان راڳ سان رغبت ھئس. سيد قطب علي شاهه جھانيان پوٽي ۾ سندس وڏو اعتقاد هو. صوفياڻو ڪلام ڳائيندي، ھو مستيءَ ۽ جذبي ۾ اچي نچندو ھو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست کان سواءِ بابا بُلهي شاهه کي پڻ تمام گھڻو ڳايائين. سنڌ ۾ اهم ڀڳتن مان ڀڳت نارو مل آخري ڀڳت ھو، جنھن پنھنجي سوز سان ھزارين ھندن توڙي مسلمانن کي محظوظ ڪيو. پاڻ چوندو ھو ته منھجو ساهه راڳ ڳائيندي ويندو ۽ قدرت خدا جي ائين ئي ٿيو. ھڪ ھنڌ ڳائيندي پاڻ سڀني کان موڪلائي ويو. ڀڳت نارو مل ۽ سندس پٽ ٽيئون ڀڳت جا سائين جي. ايم. سيد سان نيازمنديءَ جا ناتا هئا. سندس شاگردن مان سندس پٽ ٽيئون ڀڳت به سٺو راڳي ثابت ٿيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته رھيو.


لفظ ڀڳت نارو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو